تهذيب الاخلاق

تهذيب الاخلاق

تهذيب الاخلاق

تهذيب الاخلاق (ڪتاب ):هيءُ ڪتاب اصل ۾ هڪڙي قديم، چيني عالم ۽ حڪيم جو لکيل هو، جنهن جي انگريزيءَ ترجمي تان مرزا قليچ بيگ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. هن ڪتاب جو اصل نالو لفظي معنيٰ موجب ”قانونِ حيات“ هو. هن ڪتاب ۾ جيڪي اخلاقي اشارا ۽ حقيقي نڪتا ڏنل آهن، اهي هر قوم ۽ هر مذهب لاءِ ڪارائتا آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ اخلاق جي سکيا بابت هيءُ هڪ بنيادي ڪتاب آهي، جنهن ۾ سادي ۽ وڻندڙ ٻوليءَ ۾ اخلاقي تعليم ڏني وئي آهي.
ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب جا 132 صفحا آهن ۽ قيمت هڪ رپيو اٺ آنا ڄاڻايل آهي. ڇاپو پهريون، مسلم ادبي سوسائٽي، حيدرآباد، مان سال 1925ع ۾ڇپيو. ڇاپو ٻيو چندن پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان 1941ع ۾ ڇپيو. ٽيون ڇاپو محمد صديق ميمڻ، مسلم ادبي پريس مان 1943ع ۾ ڇپايو. چوٿون ڇاپو، آر. ايڇ. احمد ائنڊ برادرس، اماميه پريس، حيدرآباد مان 1954ع ۾ ڇپايو. هن ڪتاب جو پنجون ڇاپو سال 1959ع ۾ ۽ ڇهون ڇاپو 1962ع ۾ پڻ ڇپيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو